جان الله شاهه عاشق

جان الله شاهه عاشق:مير جان الله شاهه ’عاشق‘، سيد منور علي شاهه جو پٽ هو. روهڙي شهر جي صوفين جي سرواڻ مير جان الله شاهه اول جي اولاد مان هو. مير جان الله شاهه ’عاشق‘ پيءُ جي وفات کان پوءِ درگاهه جو سجاده نشين ٿيو. هن سيد عبدالوهاب شاهه جيلاني ڀاڳناڙيءَ واري کان روحاني فيض حاصل ڪيو ۽ علم جي تمام وڏي درجي تي رسيل هو. جان الله شاهه ثاني ’عاشق‘ فارسيءَ جو صاحب ديوان شاعر ٿي گذريو آهي. هن سنڌيءَ ۾ به صوفياڻي شاعري ڪئي آهي. سندس ڪلام ۾ عشق ۽ تصوف جي تنوار ۽ وحدت جي وائي موجود آهي. سندس شاعري پختگيءَ جي لحاظ سان به مٿانهين درجي جي آهي. وڏو فياض شخص هو، جيڪو به وٽس ايندو هو، روحاني ۽ دنيوي فيض پرائي ويندو هو. ڀاڳناڙيءَ واري بزرگ سان نسبت سبب سندس مائٽ مٿس ناراض ٿيندا رهندا هئا، جنهنڪري پنهنجي ساٿين سان گڏ روهڙي شريف جي واعظ واري مسجد ۾ رهندو هو. سيد جان الله شاهه ’عاشق‘ 1255هه/ 1839ع ڌاري وفات ڪئي. سندس مزار روضي کان ٻاهر شاهي دروازي تي آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو